اسلام آباد-20 جنوري (اي پي پي) سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني ليڊر ۽ حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽيءَ جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ميڊيا ۾ آيل خبر حڪومتي ڪميٽي پي ٽي آءِ جي چارٽر آف ڊيمانڊز جي جواب ۾ پنهنجو مؤقف تيار ڪري ورتو آهي، جنهن ڪابه سچائي ناهي. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ذريعن جي حوالي سان ميڊيا ۾ آيل ان خبر ۾ ڪابه سچائي ناهي ته حڪومتي ڪميٽي پي ٽي آءِ جي چارٽر آف ڊيمانڊز جي جواب ۾ پنهنجو مؤقف تيار ڪري ورتو آهي. ان خبر ۽ ان بيان جا سمورا تفصيل بي بنياد آهن. هن وقت حڪومتي ڪميٽي ۾ شامل 7 پارٽيون گڏيل مشاورت ۽ پنهنجي پنهنجي اڳواڻن سان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهن. حتمي جواب تيار ڪرڻ ۾ هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.