اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکر – حيدرآباد موٽروي جي تعمير، رتوديرو – گوادر موٽروي جي رهيل حصن جي تعمير ۽ حيدرآباد – ڪراچي موٽروي، ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن قومي شاهراهه ۽ قراقرم هاءِ وي جي ڪجهه حصن جي نئين سر تعمير جي حوالي سان ڪم جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ، هڪ مهيني جي اندر موٽرويز جي سمورن حفاظتي جنگلن جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪرڻ، اهڙا ماڻهو جيڪي انهن حفاظتي جنگلن کي چوري ڪن ٿا يا انهن جنگلن کي خريد ڪن ٿا انهن سڀني جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ ۽ قومي شاهراهن ۽ موٽرويز تي پوليسنگ ۽ پيٽرولنگ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي معاملن ۽ قومي رستن ۽ موٽرويز تي حفاظتي قدمن جي حوالي سان جدا جدا جائزه اجلاس ٿيو. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي بابت اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قومي رستا ۽ موٽرويز قومي ترقي ۽ ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، سڄي ملڪ ۾ بهترين سفري سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم سکر – حيدرآباد موٽرويز جي تعمير، رتوديرو – گوادر موٽروي جي باقي حصن جي تعمير ۽ حيدرآباد – ڪراچي موٽروي ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن قومي شاهراهه ۽ قراقرم هاءِ وي جي ڪجهه حصن جي نئين سر تعمير جي حوالي سان ڪم جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن اهم قومي منصوبن جي حوالي سان تيز ترين ۽ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي. اجلاس کي قومي شاهراهن ۽ موٽرويز تي جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاهور – ساهيوال – بهاولنگر موٽروي جي پهرين فيز لاهور – ساهيوال تي ڪم جي شروعات ڪئي پئي وڃي، پهرين مرحلي ۾ لاهور رنگ روڊ کان رائيونڊ – قصور روڊ زمين جي خريداري ڪئي پئي وڃي، ان موٽروي سان ڏکڻ اوڀر پنجاب جا ڪيترائي ضلعا فائدو کڻي سگهندا. قومي شاهراهن ۽ موٽرويز تي حفاظتي انتظامن بابت اجلاس ۾ وزيراعظم موٽرويز تي سمورن حفاظتي جنگلن جي مرمت جو ڪم هڪ مهيني جي اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته اهڙا ماڻهو جيڪي انهن حفاظتي جنگلن کي چوري ڪن ٿا يا انهن جنگلن کي خريد ڪن ٿا انهن سڀني جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. وزيراعظم قومي شاهراهن ۽ موٽرويز تي پوليسنگ ۽ پيٽرولنگ بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي موٽرويز تي هنيل حفاظتي جنگلن جي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ جي موٽرويز تي 4027 ڪلوميٽرز حفاظتي جنگلا لڳل آهن جن مان 859 ڪلوميٽرز حفاظتي جنگلا يا ته چوري ٿيا يا انهن کي نقصان پهچايو ويو، موٽرويز حفاظتي جنگلن جي عدم موجودگي جي ڪري گذريل چئن سالن ۾ 36 حادثا رپورٽ ٿيا، گذريل چئن سالن ۾ موٽرويز تي حفاظتي جنگلن جي چوري ۽ انهن کي نقصان پهچائڻ جي حوالي سان 178 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته موٽرويز کي اسٽريٽجڪ اثاثو قرار ڏيڻ جي حوالي سان قانونسازي ڪئي پئي وڃي جنهن کانپوءِ موٽرويز کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف قانون موجب سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.