اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاه 2024ع جي سالياني رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. وفاقي ٽيڪس محتسب صدر کي سال 2024ع ۾ محتسب جي ڪارڪردگي بابت پڻ ٻڌايو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2024ع ۾ رڪارڊ 13506 شڪايتون داخل ڪيون ويون، داخل شڪايتن مان گذريل سال 12914 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو. سال 2021ع ۾ ڊاڪٽر آصف محمود جاه جي چارج سنڀالڻ وقت شڪايتن جو انگ رڳو 2816 هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2024ع ۾ ٽيڪس گذارن کي ٽيڪس ريفنڊ جي مد ۾ 22.79 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو ويو. گذريل سال وفاقي ٽيڪس محتسب سمنڊ پار پاڪستانين جون شڪايتون پڻ وڏي انگ ۾ حل ڪيون.