اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ايراني هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل ڊاڪٽر محمد باقري ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ويو. ٻنهي ڀائر ملڪن گڏيل مفاد ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته دهشتگردي هڪ گڏيل چئلينج آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي موثر ۽ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ايراني هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف غزه ۽ لبنان تي پاڪستان جي موقف کي ساراهيو.