اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت مراڪش ويجهو ٻيڙيءَ جي سانحي ۾ هڪ ٻئي پاڪستاني شهري جي زندهه بچي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته تصديق ٿيل معلومات موجب هڪ ٻيو پاڪستاني شهري محمد عديل ولد محمد رشيد ٻيڙيءَ جي سانحي ۾ زندهه بچي ويندڙن ۾ شامل آهي.