اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حاجين کي هر قسم جي مدد ۽ سهولت جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حج 2025ع جي تياري ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، حاجي سڳورن جي لاءِ مددگارن جي چونڊ جي طريقيڪار ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم حج 2025ع جي تيارين جي سلسلي ۾ جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، چوڌري سالڪ حسين ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي حج 2025ع جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال وانگر هن سال به حاجين کي سمز جي فراهمي پاڪستان مان ڪئي ويندي ۽ حاجين جي مدد جي لاءِ حج موبائيل ايپلي ڪيشن پڻ فعال آهي. اجلاس کي حج فنڊ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته ان تي ڪم حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته حج 2025ع جي تياري ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه آهي. حج 2025ع ۾ حاجين کي هر قسم جي مدد ۽ سهولت يقيني بڻائي وڃي. حج 2025ع جي تيارين جي حوالي سان هڪ جامع بريفنگ تيار ڪري ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پيش ڪئي وڃي. حاجين کي حج 2025ع جي حوالي سان تربيت جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم حج ڊيوٽي لاءِ سٺي شهرت رکندڙ قابل آفيسر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حاجي سڳورا الله جا مهمان آهن، حڪومت پاران انهن جي خدمت ۽ مدد ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه ڪندس. وزيراعظم هدايت ڪئي ته حاجين جي رهائش، سفري ۽ ٻين سهولتن جو خاص خيال رکيو وڃي. حاجين جي لاءِ مددگارن جي چونڊ جي طريقيڪار ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو وڃي.