اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ايئرپورٽ تان اڏامون شروع ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گوادر کي وچ اوڀر ايشيا ۽ وچ اوڀر نار ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم رابطو بڻائڻ جي لاءِ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي، گوادر ايئرپورٽ جو فعال ٿيڻ نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي ۾ مواصلاتي رابطن جي فروغ طرف هڪ اهم قدم آهي، گوادر ايئرپورٽ جي فعال ٿيڻ سان سي پيڪ سان پاڪستان ۽ خطي جي ترقي جو خواب پورو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اڄ الله جي فضل ۽ ڪرم سان گوادر کي وچ ۽ اوڀر ايشيا ۽ وچ اوڀر ۽ نار ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم رابطو بڻائڻ جي لاءِ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گوادر ايئرپورٽ جي فعال ٿيڻ سان سي پيڪ سان پاڪستان ۽ خطي جي ترقي جو خواب پورو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان چيني صدر شي جن پنگ ۽ محمد نواز شريف جي سي پيڪ جي ذريعي پاڪستان ۽ خطي جي ترقي جي گڏيل عزم جي تڪميل جي وڌيڪ ويجهو پهچي ويا آهيون. الله جي فضل ۽ ڪرم سان سي پيڪ جي شروعات محمد نواز شريف جي دور کان ٿي ۽ ان جا اهم سنگ ميل به ان جي قيادت ۾ عبور ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم چيني قيادت ۽ چيني حڪومت جي ٿورائتي آهي، عالمي سهولتن کان ليس گوادر ايئرپورٽ پاڪ چين دوستي جو اعليٰ مثال آهي. چين پاڪستان جو اهو مثالي ڀاءُ آهي جنهن سدائين پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته دفاع ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي قيادت ۾ بلوچستان حڪومت سيڪيورٽي تي مقرر آفيسرن، اهلڪارن ۽ عسڪري قيادت کي ايئرپورٽ جي تعمير جي لاءِ ڏينهن رات اڻٿڪ محنت تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.