اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ جاويد ظفر جهڳڙا جي ٽيجهي ۾ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اقبال ظفر جهڳڙا سان ملاقات ڪئي ۽ مرحوم جي ايصال ۽ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اقبال ظفر جهڳڙا جي ڀاءُ جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان ۽ وڏو صدمو آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي، درجا بلند ڪري ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.