لاهور-19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي ضلعي زوب ۾ پاڪ – افغان سرحد تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي آهي، دهشتگرد سرحد پار کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪارروائي ۾ 5 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج سرحدن جي حفاظت لاءِ لوهي ڀت وانگر بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.