اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت ضلعي زوب ۾ پاڪ افغان بارڊر تي خوارجين جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف وقت سر ڪارروائي تي ساراهيو آهي. صدر مملڪت ڪارروائي دوران پنج خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي، صدر مملڪت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪي سرحدن جي حفاظت جي عزم کي ورجايو.