لاهور- 19 جنوري (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ آچر ڏينهن دنيا ميڊيا گروپ جي چيئرمين ميان عامر محمود جي سس جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر ويو ۽ ميان عامر محمود ۽ ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ميان عامر محمود جي سس جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پوئينرن کي صبر عطافرمائي. ان موقعي تي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ميان عمران جاويد به وفاقي وزير سان گڏ موجود هو.