اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ افغان شهرين جي ٽئين ملڪ منتقلي بابت معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ مراڪش جي سامونڊي ڪناري تي ٻيڙي حادثي جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي فوتگيون ٿيون. پرڏيهي وزير ان موقعي تي حڪومتي رد عمل کي جامع ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ۽ پرڏيهي ۽ گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته سانحي جي پاڪستاني متاثرن کي موثر ۽ وقت سر امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.