اسلام آباد-17 جنوري (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته نادرا ذريعي نيشنل پوليس بيورو کي جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي، جيڪا ڊيٽامينيجمينٽ ۽ سيڪيورٽي کي بهتر بڻائيندي. سينيٽ ۾ ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته حڪومت ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر ۽ پرائيويسي جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، جيستائين سي ڊي اي جو تعلق آهي ان وٽ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو اختيار ناهي، اهو ڪم عام طور تي ٽريفڪ پوليس يا لاڳاپيل کاتن جي دائري اختيار ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن سي ڊي اي جي دائري اختيار ۾ ڪا تبديلي ڪئي وڃي ته ان لاءِ باقاعده قانوني ترميمن جي ضرورت پوندي. هن چيو ته سي ڊي اي اسلام آباد ۾ ماحولياتي تبديلي جي مسئلن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. وفاقي گادي واري شهر ۾ گرين اسپيسز کي محفوظ رکڻ، وڻڪاري مهم هلائڻ ۽ پائيدار ترقي جا منصوبا لاڳو ڪرڻ ماحول جي تحفظ لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته سي ڊي اي عملي قدم جهڙوڪ ماحولياتي قانونن تي سختي سان عمل، گدلاڻ جي ڪنٽرول ۽ ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي لاءِ وڌيڪ قدم کڻي ته هي شهر ماحولياتي نظام لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.