اسلام آباد-17 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ واٽس ايپ مڪمل طور تي فعال آهي ۽ وي پي اين بلاڪ ناهي، سب ميرين ڪيبلز ۾ اضافي سان ملڪ ۾ لائيو انٽرنيٽ ۾ نمايان بهتري ايندي، گذريل ٽن مهينن ۾ 31 هزار کان وڌيڪ آءِ پيز رجسٽرڊ ٿي چڪيون آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران شازيه مري جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ايوان کي ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته انٽرنيٽ جي استعمال جي حوالي سان صارفين جي تجربن ۾ چئلينج اچي رهيو آهي تنهن هوندي به هن وقت واٽس ايپ مڪمل طور تي فعال آهي، وي پي اين بلاڪ ناهي، هن وقت 100 سيڪڙو وي پي اين کليل آهن، گذريل سال آگسٽ ۾ چئلينجز آيا هئا پر هن وقت ڪو به مسئلو ناهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي روانگي واپار ۾ 28 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي، اهو اضافو انٽرنيٽ جي بهتر اسپيڊ جي عڪاسي ڪري ٿو، انفرادي طور تي مسئلو اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن انڊسٽري کي ڪو مسئلو آهي ته شڪايت تي ان کي حل ڪري سگهجي ٿو. هن وقت فڪسڊ لائنز تي انٽرنيٽ جو ڪو مسئلو ناهي. وڌيڪ صنعتون فڪسڊ لائنز تي ڪم ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ موبائيل اسپيڪٽرم جو مسئلو موجود آهي، هن وقت 274 ميگا هرٽز جو اسپيڪٽرم آهي، گذريل 8 مهينن ۾ قانوني ڪارروائي سان 562 ميگا هرٽز کي ڪڍيو ويو، ان معاملي ۾ اسان قانون واري وزارت ۽ ايس آءِ ايف سي جي ڪوششن جا ٿورائتا آهيون. انشاءُ الله هن سال جي وچ ڌاري ان 562 ميگا هرٽر اسپيڪٽرم جي نيلامي کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته 2022ع ۾ جڏهن پي ٽي آءِ ملڪ کي ڏيوالپڻي جي ڪناري تي پهچايو هو ته ملڪ ۾ ڪا ايل سي نه کلندي هئي، ڪو روانگي واپار نه ٿي رهيو هو، ٽيلي ڪام انڊسٽري جو پورو بنيادي ڍانچو روانگي واپار تي ٻڌل آهي، ڏيوالپڻي جي خطرن سبب گذريل ٽن سالن ۾ اسان آءِ ٽي جي بنيادي ڍانچي ۾ ڪا سيڙپڪاري نه ڪري سگهياسين ۽ نه ئي ڪا سڌي سنئين سيڙپڪاري اچي سگهي. هن چيو ته معاشي استحڪام جي ڪري هاڻي جيڪو سڌي ريت سيڙپڪاري ايندي ته ان سان ٽيلي ڪام جو بنيادي ڍانچو بهتر ٿيندو جنهن سان انٽرنيٽ جي دستيابي به بهتر ٿي ويندي. هن چيو ته هن وقت صرف 7 سب ميرين ڪيبلز پاڪستان اچي رهيون آهن ۽ ان مان هڪ جو مدو مڪمل ٿي رهيو آهي، ميٽا جي ٻي وڏي سب ميرين ڪيلبز پاڪستان ۾ اچي چڪي آهي، ان کي شروع ڪرائڻ ۾ ڪجهه مهينا لڳندا. ان سان لائيو انٽرنيٽ بهتر ٿيندو، ان سان گڏوگڏ چين کان فائبر ڪيبل آپريشنل ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستان وچ ايشيا سان سڌي ريت جڙندو.