اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۽ واپار جي ٻين وڏن مرڪزن تي عالمي معيار جو ڪارگو اسڪيننگ نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مواصلات جي ٺوس نظام ۽ ڪارگو جي بهتر ٽريڪنگ سان پاڪستان علائقي جي ٻين ملڪن جي لاءِ واپاري لنگهه جو مرڪز بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان کي ٽرانزٽ واپار جو مرڪز بڻائڻ ۽ ڪارگو جي ٽريڪنگ جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته واپاري مرڪزن سان ٽريڪنگ، ٽريسنگ ۽ اسڪيننگ جو موجوُده نظام ختم ڪري جديد ٽيڪنالاجي رکندڙ نظام لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هن ڪارگو ٽريڪنگ جون خدمتون مهيا ڪندڙ ادارن جي معيار جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٽريڪنگ جي نظام ۾ بهتري سان اسمگلنگ ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، اسمگلنگ روڪڻ سان هن سال افغانستان کي 211 ملين ڊالر جي کنڊ جي برآمد ممڪن ٿي. هن چيو ته مواصلات جي ٺوس نظام ۽ ڪارگو جي بهتر ٽريڪنگ سان پاڪستان علائقي جي ٻين ملڪن جي لاءِ راهداري واپار جو مرڪز بڻجندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، ايف بي آر چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.