اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مسلسل ٽئين مهيني سرپلس رهڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته مثبت معاشي انگ اکر ڪاروباري برادري جي حڪومت ۽ ان جي معاشي پاليسين ۾ وڌندڙ اعتماد جا عڪاس آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مسلسل سرپلس رهڻ معاشي پاليسين جو صحيح رخ هجڻ جي سند آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 1.2 ارب ڊالر سرپلس هو، هلندڙ مالي سال ۾ سرپلس کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته مثبت معاشي انگ اکر ڪاروباري برادري جي حڪومت ۽ ان جي معاشي پاليسين ۾ وڌندڙ اعتماد جا عڪاس آهن، ”اڏار پاڪستان“ جهڙي پروگرام سان ملڪي معيشت کي وڌيڪ سگهه ملندي.