اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اولهندي آفريقا کان اسپين طرف ويندڙ ٻيڙيءَ جي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعطم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ جهڙي مڪروهه عمل ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، انساني اسمگلنگ جي خلاف ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم حادثي ۾ مارجي ويل پاڪستانين جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.