اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته رباط مراڪش ۾ پاڪستاني سفارتخاني آگاهه ڪيو آهي ته موريطانيا مان 80 مسافرن کي کڻي رواني ٿيندڙ هڪ ٻيڙيءَ جنهن ڪيترائي پاڪستاني شهري پڻ سوار هئا مراڪش جي بندرگاهه دخيله ويجهو اونڌي ٿي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستانين سميت ڪيترائي زندهه بچي ويل دخيله ويجهو هڪ ڪئمپ ۾ آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رباط ۾ پاڪستاني سفارتخانو مقامي عملدارن سان رابطي ۾ آهي. وڌيڪ اهو ته پاڪستاني شهرين جي سهولت ۽ ضروري مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ سفارتخاني جي هڪ ٽيم کي دخيله روانو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪيو ويو آهي جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاڳاپيل سرڪاري عملدارن کي متاثر پاڪستانين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.