اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ڪئنيڊين پارليامينٽ جي ميمبر طالب نور محمد ۽ ڪئنيڊا ۾ آغا خان ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ جي نمائندي محمود ايبو ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- ڪئنيڊا ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير پاڪستان ڪئنيڊا سان گڏيل ناتن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ٻه طرفن ناتن کي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ اڳيان وڌائڻ جو خواهشمند آهي. طالب نور محمد، وفاقي وزير کي ڪئنيڊين هم منصب طرفان پيغام پهچايو. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته آغا خان فائونڊيشن پاڪستان ۾ سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جي ڪيترن ئي رٿائن تي ڪم ڪري رهي آهي، گڏيل سهڪار سان رٿائن جو دائره ڪار وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوشان آهيون. ملاقات ۾ افغان پناهگيرن جي ڪئنيڊا سميت ٻين ملڪن ۾ منتقلي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. طالب نور محمد چيو ته منتقليءَ جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪئنيڊين هاءِ ڪميشن جي عملي ۽ وسيلن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. واڌو عملي کي ويزا فراهم ڪرڻ تي شڪرگذار آهيون. هن چيو ته ان سلسلي ۾ درخواستن جي جاچ پڙتال ۾ تيزي آندي وئي آهي. وفاقي سيڪريٽري محمد خرم آغا ۽ صدر آغا خان ڪائونسل پاڪستان نظار ميوه واله به ان موقعي تي موجود هئا.