راولپنڊي-16 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ مختلف انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 22 خوارجي مارجي ويا آهن، جڏهن ته 18 خوارجي زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري ڪيل بيان موجب خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين خلاف دهشتگرديءَ جا مختلف واقعا پيش آيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي فوتگيون ٿيون. انهن ڪاررواين جي جواب ۾ سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ خوارجين خلاف وڏي پيماني تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪري رهي آهي. 14 ڊسمبر 2024ع کان ڪيل مختلف آپريشنز دوران سيڪيورٽي فورسز هاڻ تائين 22 خوارجين کي ماري ڇڏيو جڏهن ته 18 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو. انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز علائقي ۾ امن جي بحالي ۽ خوارجين جي خاتمي تائين جاري رهندو. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.