اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اوڳاڙين بابت سمورن ڪيسز کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس اوڳاڙين بابت ڪيسز ۾ ايف بي آر پاران سٺي شهرت رکندڙ وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين جي حوالي سان التوا هيٺ ڪيسز تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته اوڳاڙين بابت سمورن ڪيسز کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، ٽيڪس اوڳاڙين بابت ڪيسز ۾ ايف بي آر پاران سٺي شهرت رکندڙ وڪيلن جون خدمتون ورتيون وڃن. هن چيو ته ايف بي آر جي نظام ۾ تيزي سان سڌارا لاڳو ڪري رهيا آهيون، الحمدالله ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم اوڳاڙين جي حوالي سان ڪيسز جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهڙا آفيسر جيڪي ڪمزور يا غلط بنيادن تي ڪيسز ٺاهڻ ملوث ڏٺا ويا انهن کي سخت سزا ڏني ويندي، اهڙا آفيسر جن ديانتداري ۽ محنت سان ميرٽ تي ڪيسز ٺاهيا انهن کي خصوصي انعام سان نوازيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت کانپوءِ سٺي سهرت جي وڪيلن کي پينل تي آڻڻ سان جولاءِ کان ڊسمبر 2024ع هاءِ ڪورٽ ۾ 586 ڪيسز جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ 637 التوا هيٺ ڪيسز اڪلايا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي مختلف عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ 4.7 ٽريلين رپين جا 33522 ڪيسز هن وقت التوا جو شڪار آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن موجب اعليٰ عدالتن جي حوالي سان ايف بي آر ۾ لٽيگيشن مئنيجمينٽ ڊيش بورڊ تيار ٿي چڪو آهي جڏهن ته قانون ۽ انصاف واري وزارت ۾ ٽيڪس ٽربيونلز مئنيجمينٽ سسٽم جي تياري پڻ حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن کي جلد جاري ڪيو ويندو. وزيراعظم التوا هيٺ ڪيسز کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.