اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي چئلينج آهي ته هو ٻڌائي نيشنل ڪرائيم ايجنسي 190 ملين پائونڊز پاڪستان حڪومت کي ڇو واپس ڪيا؟ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو آمدني ذريعو ڪهڙو آهي؟ پي ٽي آءِ دور ۾ ڪابينا ۾ بند لفافو ڇو منظور ڪيوويو؟ باڻي ٻڌو آهي باني چيئرمين پي ٽي آءِ ڪرپشن اسڪينڊل کان بچڻ ۽ جيل کان ٻاهر اچڻ جي لاءِ ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو، 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، اهو پاڪستاني عوام ۽ پاڪستان حڪومت جو پئسو هو، واحد شخص جي فيصلي سان سرڪاري سطح تي ايترو وڏو گهپلو ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آيو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل تي بحث جاري آهي، آزاد مبصر ۽ تجزيه نگار به ان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي حوالي سان ڪنهن کي آجو قرار نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اهو تاريخ ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل آهي، هڪ واحد شخص جي فيصلي تي ايتري وڏي رقم جي خرد برد ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسانجي حڪومت تي عالمي ادارن جو اعتماد آهي، پاڪستان جي معاشي درجابندي بهتر ٿي رهي آهي، پي آءِ اي جي لاءِ يورپ جون فلائيٽس بحال ٿي ويون آهن، ورلڊ اڪنامڪ فورم جي رپورٽ ۾ پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان مثبت اشارا ڏنا ويا آهن، وياج جي شرح گهٽ ٿي آهي، مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 3.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ملڪ جو ڊيفالٽ رسڪ ختم ٿي چڪو آهي، گذريل 10، 11 مهينن دوران ملڪ ۾ سٺيون خبرون آيون، ٻاهرئين سيڙپڪاري اچي رهي آهي پر هڪ اها حڪومت به هئي جنهن جا هٿ 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن ۾ رڱيل آهن، جيڪا هر وقت انهي کوج ۾ رهندي هئي ته پئسو ڪيئن ڪمائڻو آهي. هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ شهزاد اڪبر ان وقت به لڳا رهيا ته ڪهڙي طريقي سان شهباز شريف جي خلاف ٻاهران ڪو فيصلو وٺون، اين سي اي شهباز شريف جي خلاف 5 ملڪن ۾ جاچ ڪئي، ان جي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن نه ملي، برطانوي نيشنل ڪرائيم ايجنسي شهباز شريف کي بيگناهه قرار ڏنو، انهي نيشنل ڪرائيم ايجنسي 190 ملين پائونڊ ضبط ڪري پاڪستان موڪليا، منهنجو سوال آهي ته اين سي اي اهو پئسو پاڪستان حڪومت کي ڇو ڏنو؟ جيڪڏهن اها رقم پاڪستان حڪومت جي ملڪيت نه هئي ته پوءِ اين سي اي هڪ پرائيويٽ شخص جي ملڪيت ۾ ڇو رهڻ نه ڏنو ۽ ڪهڙي ضرورت پيش آئي جو اهو پئسو کڻي پاڪستان حڪومت کي ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته اهو پئسو ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت کي ڏنو ويو ڇو ته اهو پئسو پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي امانت هئي، اهو ٽيڪس پيئرز جو پئسو هو، اهو صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر، پاڪستان جي ترقي تي خرچ ٿيڻو هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي چئلينج آهي ته اها واضح ڪري ته جيڪڏهن پاڪستان حڪومت، سرڪاري خزاني ۽ عوام جو پئسو نه هو ته برطانيا پاڪستان حڪومت جي حوالي ڇو ڪيو؟ جيئن اهو پئسو آيو ته اتان ملي ڀڳت ۽ ڪرپشن جي ڪهاڻي شروع ٿي. باني چيئرمين پي ٽي آءِ، سندس گهرواريءَ ۽ فرح گوگي بزنس ٽائيڪون کان 5 قيراط جون مُنڊيون ورتيون، لاهور زمان پارڪ ۾ ڪروڙين رپين جو نئون گهر ٺهيو، ان جا پئسا ڪٿان آيا؟ هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پاڪستان جي تاريخ جو واحد ليڊر آهي جيڪو چوي ٿو ته سندس آمدني جو ذريعو نه آهي. پي ٽي آءِ کي ٻيو چئلينج آهي ته هو باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو آمدني جو ذريعو ٻڌائي، اهو ڪٿان ڪمائي ۽ کائي ٿو، لاهور ۾ 25 ڪروڙ جو گهر ڪيئن ٺهيو؟ اها رقم انهي پراپرٽي ٽائيڪون کان 190 ملين پائونڊ جي عيوض آئي. هن چيو ته انهن مذهب کي پنهنجي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، زال مڙس گڏجي القادر ٽرسٽ جا ٽرسٽي بڻيا، جيڪڏهن انهن کي ٽرسٽ ئي ٺاهڻو هو ته ايڌي ۽ ڇيپا وارن سان گڏجي ٺاهين ها، هي ڪهڙو ٽرسٽ آهي جنهن جو پئسو بزنس ٽائيڪون جو ۽ ٽرسٽي زال مڙس بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته جڏهن اين سي اي پاران پئسو پاڪستان حڪومت وٽ آيو ته انهن پراپرٽي ٽائيڪون کان پڇيو ته هو ڇا ٿو چاهي، هن ان جي ذمي سپريم ڪورٽ ۾ اربين رپين جو ڏنڊ ادا ڪري ڇڏيو ۽ اهو ئي پئسو کڻي اتي ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جو آرڊر آيو ته انهن هڪ شخص جو ڌاڙو هنيو آهي ۽ ٻئي شخص کي اهو پئسو ڏئي ڇڏيو، عوام کي ڪجهه نه مليو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ تائين ڪنهن ڪابينا ۾ بند لفافو نه ڏٺو، ڪابينا ۾ جيڪا ايجنڊا اچي ٿي ان تي بحث ٿئي ٿو، ان وقت جي ڪابينا ۾ شهزاد اڪبر بند لفافو باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي ڏنو ۽ چيو ته ان کي منظور ڪري ڇڏيو، ٻن ٽن ميمبرن پڇيو ته انهن کي چيو ويو ته توهان جو ان سان ڪو تعلق نه آهي، توهان ان کي منظور ڪريو. هڪ واحد شخص جي فيصلي سان هڪ شخص کي 80 کان 90 ارب رپين جو فائدو ڏنو ويو، ان فائدي جي عيوض باني چيئرمين پي ٽي آءِ، سندس گهرواريءَ ۽ فرح گوگي اربين رپيا ڪمايا، فرح گوگي پاڪستاني شهري هئي، ان جا ريڊ وارنٽ آهن، ان کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم کي چئلينج ڏنو ته توهان اسيمبلي ۾ ۽ ٻاهر وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، توهان ٻڌايو نيشنل ڪرائيم ايجنسي اهو پئسو حڪومت کي ڇو واپس ڏنو؟ پاڪستان حڪومت جو پئسو کڻي توهان انهي پراپرٽي ٽائيڪون جو هڪ ڏنڊ ادا ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڌاڙي جي ايتري وڏي تاريخ نه ٿي ملي. هن چيو ته مون کي 190 ملين ڪرپشن ڪيس ۾ ٻڌائي ڇڏيو ته ڪابينا کان بند لفافو منظور ڪرائي پاڪستاني قوم کي ايترو وڏو ڇُرو هڻڻ جو توهان وٽ ڪهڙو جواز هو؟ انهن پنهنجي دور ۾ اسان تي ڪوڙا ڪيسز ٺاهيا هئا جن مان اسان باعزت بري ٿياسين. هن چيو ته القادر يونيورسٽي ۾ ڪهڙا ٻار پڙهي رهيا آهن؟ ڪئميرائن ۾ ڏيکارڻ جي لاءِ اتي پئسن تي ماڻهو ويهاريا ويا آهن، القادر يونيورسٽي کي ٺهي ڪيترائي سال ٿي ويا، ڪيتريون ڊگريون جاري ٿيون آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخ جي ان سڀ کان وڏي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي جا هٿ ڪرپشن ۾ رڱيل آهن، پي ٽي آءِ ثابت ڪري ته اهو پاڪستان حڪومت جو پئسو نه هو، توهان ثابت ڪري ڇڏيو ته بند لفافو ڪابينا ۾ نه آندو ويو، ثابت ڪري ڇڏيو ته 25 ڪروڙ رپين سان لاهور جو گهر ناهي ٺهيو، 5 قيراط جون مُنڊيون نه وٺندا رهيا. هن چيو ته آزاد مبصر مڃي رهيا آهن ته القادر ڪرپشن ميگا اسڪينڊل آهي، هن قوم جا 80 کان 90 ارب رپيا هڙپ ڪيا ويا، اسان انصاف جي اميد رکون ٿا، جيڪو ڪيو آهي اهو ڀوڳڻو پوندو، انصاف جون گهرجون پوريون ٿينديون، هي وڏيون وڏيون تقريرون ڪن ٿا، ان ميگا ڪرپشن جي توهان وٽ ڪا توجيح نه آهي، باني چيئرمين جو ڪو آمدني جو ذريعو نه هو، ان پنهنجي گهرواريءَ ۽ فرح گوگي سان گڏجي قوم جا اربين رپيا هڙپ ڪيا، توهان کي گهرجي ها ته اين سي اي پاران آيل پئسو قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو ها ۽ فلاحي منصوبن تي لڳايو ها پر افسوس اهي اربين رپيا قوم جا هڙپ ڪيا ويا، قوم ان جو حساب گهري ٿي ته اهو پئسو ڪٿي لڳو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميگا ڪرپشن اسڪينڊل تي ڪي به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، اسان چاهيون ٿا ته ڳالهه ٻولهه مثبت طريقي سان اڳتي وڌي پر ڪرپشن تي ڊيل نه ٿيندي، اسان ٻڌو آهي ته باني چيئرمين ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو ڇو ته هن ڪرپشن ڪئي آهي ۽ هاڻي ان جو ان کان بچي نڪرڻ مشڪل هوندو، هو پنهنجي ماڻهن کي چوي ٿو ته مون کي جيل مان ڪڍو. علي امين گنڊاپور جي ملاقات ان جو پنهنجو معاملو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فرح گوگي اڳ ۾ ئي پاڪستان مان وڃي چڪي هئي، شهزاد اڪبر کي دعوت ڏيان ٿو ته پاڪستان اچي، اسان چوندا هئاسين ته اقتدار وقت جي ڌارا هوندي آهي، پوري پاڪستان جي سياستدانن تي ڪيسز ٺاهيندڙ شخص اڄ لنڊن ويٺل آهي، پاڪستان اچي ۽ ڪيسز کي منهن ڏي، هي ٻاهر ويهي ڳالهيون ڪن ٿا، جيڪڏهن ڳالهيون ئي ڪرڻيون هيون ته هتي ويهي ڪن، انهن فنڪارن پاڪستان جي سياست کي زهر آلود ڪيو ۽ پاڪستان مان فرار ٿي ويا اڄڪلهه پاڪستان جي ادارن جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ٻاهر ويهي ڳالهه ڪرڻ آسان آهي، ڪالهه لنڊن ۾ به انهن کي وڏي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو، انهن کي پارليامينٽ جي اندر ميٽنگ ڪرڻ جي لاءِ ڪمرو به نه مليو، انهن جو اتي پاڪستان جي ادارن، وزيراعظم، آرمي چيف جي خلاف پوري ڪمپين هلائڻ جو ارادو هو، ٻاهر جي ماڻهن کي به سمجهه اچي رهي آهي ته هي فلاپ ماڻهو آهن ۽ انهن جي سياست پاڪستان کي ورڇ ڪرڻ جي لاءِ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ جو ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، ناقابل ترديد ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ڳالهين جو اهو تاثر نه ورتو وڃي ته اربين رپين جي ڪرپشن تي پردو وڌو ويندو. پاڪستان سڀ کان پهرين آهي، پاڪستان جي عوام جي پئسي تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، ڪرپشن ڪيس جو جواب ڏيڻو پوندو، جيڪو ڪيو آهي، ان جو حساب هر حال ۾ ٿيندو، اسان کي چوندا هئا ته رسيدون ڪڍو، هاڻي انهن جي 80 ارب رپين جي رسيد نڪري آئي آهي، ان جو ڳالهين سان ڪو تعلق نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سپهه سالار جو معيشت جي بحالي جي حوالي سان ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ٽيم ورڪ تحت پاڪستان جي معيشت بحال ٿي آهي.