اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي دفاع واري وزير ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي بي بنياد الزامن ۽ بي بنياد دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان غزه ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪندي ۽ ان تي فوري ۽ مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي جنهن جي حتمي حيثيت جو تعين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ باقي آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ڀارت وٽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي علائقن تي فرضي دعويٰ ڪرڻ جو ڪو قانوني ۽ اخلاقي بنياد نه آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان غزه ۾ ٿيندڙ جنگ بندي جي آجيان ڪري ٿو ۽ ان تي فوري ۽ مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو. هن چيو ته اميد آهي ته اها مستقل جنگ بندي جو سبب بڻجندي ۽ ان سان انساني امداد کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائيلي قابض فوج پاران طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال وڏي پئماني تي جانين ۽ ملڪيتن جو نقصان ڪيو آهي ۽ ان لکين بيگناهه فلسطينين کي بي گهر ڪيو آهي. هن چيو ته اسرائيل جي توسيع پسنداڻي ارادن پوري خطي کي غيرمستحڪم ڪري ڇڏيو آهي. شفقت علي خان چيو ته پاڪستان فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام عمل ۾ اچي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.