اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 14 ڊسمبر 2024ع کان هيستائين انهن آپريشنز ۾ 22 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.