اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين خاص طور تي غزه ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ان جنگ بندي جو مڪمل طور تي احترام ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب غزه ۾ جنگ بندي جي اعلان جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئون ۽ پوري پاڪستاني قوم فلسطين خاص طور تي غزه ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪريون ٿا، امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ قطر، سعودي عرب، آمريڪا، مصر ۽ ٻين دوست ملڪن جون اڻٿڪ ڪوششون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ غزه ۽ ٻين جنگ سٽيل علائقن ۾ انساني امداد جي پهچ انتهائي اهم آهي، اسان کي اميد آهي ته ان جنگ بندي جو مڪمل طور تي احترام ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسرائيلي جارحيت جي خلاف جدوجهد ۾ پنهنجي جان ۽ مال جو نذرانو پيش ڪندڙن کي اسان خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪري ٿو، 1967ع کان اڳ جي حدن تي ٻڌل القدس الشريف گادي واري شهر طور آزاد فلسطين ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي.