اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صنعت جي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي تجويزن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي، بجلي، اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزيرن، بجلي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارن مملڪتي وزيرن، ناڻي ۽ بجلي واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽريز، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ موجوده پاليسين جو جائزو ورتو ۽ صنعتي شعبي کي تعاون فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي صنعتي شعبي ۾ بجلي جي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪن.