اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معيشت جي ترقي آءِ ٽي جي ترقي سان واڳيل آهي، حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ عالمي ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان نوجوانن جي لاءِ ملازمت جا موقعا وڌندا، عالمي ڪمپني مينزس ايوي ايشن جي پاڪستان ۾ اچڻ سان ملڪ ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي شهرت يافته لاجسٽڪس ڪمپني مينزس ايوي ايشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فلپ جوئينگ جي قيادت هيٺ 6 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه شريڪ هئا. وزيراعظم مينزس ايوي ايشن پاران پاڪستان ۾ آءِ ٽي انفراسٽرڪچر ۽ سهولت ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مينزس ايوي ايشن (Menzies Aviation) جهڙي عالمي شهرت يافته ڪمپني جي سروسز جي شروعات اسان جي مستحڪم معيشت ۾ عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروبار جي لامحدود صلاحيت هجڻ جي سَند آهي. عالمي ڪمپني مينزس ايوي ايشن جي پاڪستان ۾ اچڻ سان ملڪ ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته اهو ملڪي معيشت خاص طور تي آءِ ٽي شعبي جي لاءِ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. ملڪي معيشت جي ترقي آءِ ٽي شعبي جي ترقي سان واڳيل آهي. تازي سيڙپڪار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ ملڪ جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. وڌندڙ آءِ ٽي روانگي واپار انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته تازي معاشي ترقي ۽ مينزس ايوي ايشن جي پاڪستان اچڻ سان ٻين عالمي ڪمپنين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪري سگهبو. مثبت معاشي انگ اکر تازي معاشي پاليسي جي ملڪ ۾ ڪاروبار جي ماحول جي لاءِ سازگار هجڻ جا عڪاس آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عالمي ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان نوجوانن جي لاءِ ملازمت جا موقعا وڌندا. حڪومت معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪي ترقي جي لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ مينزس ايوي ايشن جي پهرين آفيس جي قيام جو افتتاح ڪندي تختي جي رونمائي ڪئي.