اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪري ٿو، جنگ سٽيل علائقن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي پهچ انتهائي اهم آهي، اميد آهي ته جنگ بندي جو مڪمل احترام ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هو ۽ پوري پاڪستاني قوم فلسطين خاص طور تي غزه ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪن ٿا. امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ قطر، سعودي عرب، آمريڪا، مصر ۽ ٻين دوست ملڪن جون اڻٿڪ ڪوششون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم چيو ته امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ غزه ۽ ٻين جنگ سٽيل علائقن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي پهچ انتهائي اهم آهي. اسان کي اميد آهي ته ان جنگ بندي جو مڪمل طور تي احترام ڪيو ويندو. پاڪستاني عوام فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسرائيلي جارحيت جي خلاف جدوجهد ۾ پنهنجي جان ۽ مال جو نذرانو پيش ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪري ٿو. 1967ع کان اڳ جي حدن تي ٻڌل القدس شريف گادي واري شهر طور آزاد فلسطين ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي.