اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ديامر ڀاشا ڊيم دنيا جي وڏي ڊيمن مان هوندو، ديامر ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان ٻوڏ جا خطرا گهٽ ٿيڻ ۾ مدد ملندي، باني چيئرمين پي ٽي آءِ، سندس گهرواريءَ ۽ فرح گوگي 190 ملين پائونڊ جو غبن ڪيو آهي، نيشنل ڪرائيم ايجنسي پاڪستان حڪومت کي پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪيو، ان وقت جي ڪابينا بند لفافي ۾ ان رقم جي منظوري ڏني، جنهن کان پئسو ورتو ويو انهي کي واپس ڪيو ويو، 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ انهن جا هٿ رڱيل آهن. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي ميمبر آغا رفيع الله ۽ محمد جاويد حنيف خان جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ديامر ڀاشا ڊيم دنيا جي وڏن ڊيمن مان هوندو، ديامر ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان ٻوڏ جا خطرا گهٽ ٿيڻ ۾ مدد ملندي. 2010ع ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ ٻوڏ جون تباهيون ٿيون. هن چيو ته ديامر ڀاشا ڊيم جي لاءِ 2013ع ۾ اسان جي دور ۾ زمين حاصل ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ ديامر ڀاشا ڊيم جي لاءِ مئي 2024ع ۾ سنڌو درياءَ جي ڊائيورزن جو ڪم مڪمل ٿيو، جون 2024ع ۾ ان جي لاءِ مستقل برج ٺاهي وئي. هن چيو ته نيلم جهلم جي تڪميل تي ڪيترائي سال لڳي ويا جنهن جي ڪري ان جي لاڳت ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو، ڪوشش ڪئي ويندي ته ديامر ڀاشا ڊيم جي وقت سر تڪميل ڪئي وڃي، انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل ڪنسلٽنٽ جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون ويون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل ڪرائيم ايجنسي پاڪستان حڪومت کي پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪيو هو، ان وقت جي ڪابينا بند لفافي ۾ منظوري ڪئي ۽ جنهن کان پئسو ورتو ويو انهي کي واپس ڪيو ويو، 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ انهن جا هٿ رڱيل آهن، باني چيئرمين پي ٽي آءِ، سندس گهرواريءَ ۽ فرح گوگي 190 ملين پائونڊ جو غبن ڪيو آهي ۽ پنهنجا کيسا ڀريا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڇا اهو پئسو پاڪستان حڪومت وٽ آيو؟ جيڪڏهن آيو ته اهو پاڪستان جي عوام کي مليو؟ جواب آهي نه، اها رقم هڪ ٻئي ڏنڊ جي عيوض سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، 80 ارب رپين جي ميگا ڪرپشن بند لفافي جي ذريعي ڪئي وئي، اهو پئسو انهن پنهنجي کيسن ۾ وڌو. محمد جاويد حنيف خان جي ضمني سوال تي هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ بجلي جي پيداوار سرپلس آهي، توانائي واري وزارت ان بابت مختلف رخن تي غور ڪري رهي آهي.