اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جاپان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سميت ٻطرفي ۽ گهڻ رخي ترقياتي شراڪتدارن جي اعتماد ۽ ساک کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي، جاپان جي سفارتي، اقتصادي ۽ فني مدد تي ٿورائتا آهيون. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ جاپان جي سفير اڪاماتسوشوئي چي سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزير سفير کي اسلام آباد ۾ سندس سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ کيس ڀليڪار چيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ پراڻي شراڪتداري آهي جنهن کي پاڪستان ساراهي ٿو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ معيشت جي استحڪام ۽ هاڪاري اڳڀرائي تي روشني وڌي. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ اهم ۽ ڍانچيوار قدمن جو سلسلو جاري آهي جن ۾ مالياتي فريم ورڪ، ٽيڪسيشن، خاص اقتصادي زونز، توانائي، وفاقي حڪومت ۾ سڌارا ۽ نجڪاري جون ڪوششون شامل آهن. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ آبادي ۾ تيزي سان اضافي ۽ ماحولياتي تبديلين جهڙن اهم مسئلن جي حل تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن عالمي بئنڪ سان 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ جي فريم ورڪ جي اهميت تي روشني وڌي جيڪا اهم چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار ۽ جامع اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي. هن جاپان سميت ٻطرفي ۽ گهڻ رخي ترقياتي شراڪتدارن جي اعتماد ۽ ساک کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ جاپان جي سفارتي، اقتصادي ۽ فني مدد تي ٿورو مڃيو. ناڻي واري وزير جاپاني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري خاص طور تي مينيوفيڪچرنگ ۽ پيداوار جي شعبن ۾ موقعا تلاش ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۾ مددگار ٿيندي. جاپان جي سفير پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ حڪومت جي سڌارن وارين ڪوششن ۾ ٿيل اڳڀرائي کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ جاپاني سيڙپڪاري جو ذڪر ڪندي چيو ته هن وقت اٽڪل 80 جاپاني ڪمپنيون ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن جن 65 هزار کان وڌيڪ مقامي ورڪرن کي نوڪريون فراهم ڪيون آهن، اهي ڪمپنيون پاڪستاني معيشت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ناڻي واري وزير جاپان جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ جاپاني سيڙپڪارن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ جي خاطري ڪرائي ته جيئن انهن جي تجويزن کي ايندڙ وفاقي بجيٽ جي پاليسي فريم ورڪ ۾ شامل ڪري سگهجي، ڌرين ٻطرفا اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سهڪار جا نوان امڪان ڳولڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو.