اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج درخواستن جو انگ 84 هزار 350 تائين پهچي ويو آهي. اها ڳالهه مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان خيمس ڏينهن اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌائي. هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم ۾ بچي ويل 5 هزار جي ڪوٽا لاءِ درخواستن جي وصولي جي ٻي مرحلي جي شروعات ڪئي هئي، جنهن تحت هن وقت تائين مليل حج درخواستن جو انگ 84 هزار 350 ٿي ويو آهي، وڌيڪ 2500 درخواستن جي وصولي جو هدف اڃان باقي آهي. هن جو چوڻ هو ته سرڪاري اسڪيم تحت اٽڪل 87 هزار جڏهن ته مجموعي طور تي سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪيم تحت هڪ لک 79 هزار 210 پاڪستاني حج ادا ڪندا. ترجمان چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت اثرائتي انداز ۾ حج انتظام ڪري رهي آهي ته جيئن پانڌيئڙن کي بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته حج پانڌيئڙن کي گهرجي ته هو مذهبي معاملن واري وزارت جي ويب سائيٽ ۽ پاڪ حج ايپ 2025ع سان ڳنڍيل رهن ته جيئن حج بابت کين مڪمل معلومات کان آگاهي رهي.