اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي، جولاءِ کان نومبر دوران گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گردشي قرضن ۾ 12 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جولاءِ کان نومبر تائين گردشي قرض ۾ 12 ارب رپين جي کوٽ ٿي، هن سال 5 مهينن ۾ ڊسڪوز کي 170 ارب رپين جو نقصان کان وڌڻ نه ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن ٻن ٻين ڪمپنين جا بورڊ تبديل ٿين ها ته اهو نقصان 140 ارب رپيا هجي ها. وفاقي وزير چيو ته بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نقصانن ۾ به گهٽتائي آئي آهي، ڊسڪوز کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪندي گڊ گورننس کي بهتر بڻايو ويو آهي. هن چيو ته سمورن صنعتي ۽ اقتصادي زونز بابت طريقيڪار تبديل ڪيو ويو آهي، معاشي سرگرميون تيز ڪرڻ لاءِ ڪاروباري برادري کي سهولتون ڏيڻيون آهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي استعمال سان نقصان جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته اليڪٽرڪ وهيڪل کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم جاري آهن، چارجنگ اسٽيشنن لاءِ ٽيرف ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي، چارجنگ اسٽيشنز کي سستي بجلي سان اليڪٽرڪ گاڏين جو رجحان تيز ٿيندو ۽ چارجنگ اسٽيشننز جي قيام لاءِ طريقيڪار به آسان بڻائي رهيا آهيون. گهٽين ۽ پاڙن ۾ موٽر سائيڪل ۽ رڪشا چارج ڪرڻ لاءِ اليڪٽرڪ اسٽيشن موجود ناهن، چارجنگ اسٽيشن جو ٽيرف 39.70 پئسا ڪيو ويو آهي، بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ سان گهٽين ۽ پاڙن ۾ چارجنگ اسٽيشن کُلي سگهندا. وفاقي وزير چيو ته چارجنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ لاءِ اين او سي 15 ڏينهن ۾ جاري ٿيندا، متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪارن کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون. اويس لغاري چيو ته ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اِي وي ٽيرف ۽ ان حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن جو اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته اميد آهي ته گرينز ڪلائمينٽ فنانس جو واعدو ڪندڙ دنيا وعدو پورو ڪندي، اِي بائيڪس تي فنانسنگ ڪئي وڃي جڏهن ته ماحول دوست موٽر سائيڪلون هلن، پوري دنيا کي گرين فنانسنگ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو سفر جاري آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان خطي ۾ گهٽ قيمت تي بجلي مهيا ڪندڙ ملڪ بڻجندو. اويس لغاري چيو ته پاڪستاني اضافي بجلي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جيئن ئي بجلي جون قيمتون گهٽبيون ان صورتحال کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ڪيپيٽو پلانٽس معاملي تي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن، اسان چاهيون ٿا ته انڊسٽري تي ڪو بار نه پوي. هن چيو ته آءِ پي پيز سان نوان معاهدا ڪرڻ سان مجموعي طور تي 1400 ارب جو فرق پوندو، اسان آخر تائين صارفين جي حقن لاءِ وڙهنداسين. هن چيو ته اين ٽي ڊي سي ۾ جيتريون خاميون آهن اهي ختم ڪيون پيون وڃن، بجلي چوري خلاف مهم جاري آهي، اسان جي بجلي چوري جي ريڪوري بهتر ۽ چوري گهٽ ٿي آهي.