راولپنڊي-15 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس يمامه ترڪيه جي بندرگاهن گولچڪ ۽ اڪساز جو دورو ڪيو. بندرگاهه پهچڻ تي پاڪستاني سفارتخاني ۽ ترڪيه جي بحريه جي اعليٰ عملدارن جهاز جو استقبال ڪيو. ترڪيه ۾ قيام دوران ترڪش نيوي فليٽ جي ڊپٽي ڪمانڊر وائيس ايڊمرل ابراهيم اوزدين ڪوثر پي اين ايس يمامه جو دورو ڪيو. ترڪش نيوي فليٽ جي ڊپٽي ڪمانڊر کي جهاز جي صلاحيتن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب پي اين ايس يمامه ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهازن وچ ۾ سامونڊي مشق ماوي وطن منعقد ڪئي وئي. مشق جو مقصد ٻنهي سامونڊي فوجن وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ گڏيل آپريشنز جي صلاحيت کي وڌائڻ هو. پي اين ايس يمامه جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ۽ بحري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪندو.