اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومتي کاتن جو انگ گهٽائڻ ۽ وسيلن جي بهتر استعمال لاءِ رائيٽ سائزنگ ضروري آهي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر ماحول فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن معيشت ترقي ڪري. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر عون عباس يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مستقبل ۽ ان جي ملازمن جي تحفظ جي حوالي سان سوال اٿاريا جنهن جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته گردشي قرض ۽ مالي خسارو حڪومت لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي ختم ڪرڻ معيشت جي بحالي لاءِ ضروري آهي. اهي ملازم جيڪي پنهنجي ملازمت جي آخري پنجن سالن ۾ آهن، انهن کي رٽائرڊ ڪيو ويندو، ملازمن کي مناسب پيڪيجز ڏنا ويندا ته جيئن انهن جي خدشن کي ختم ڪري سگهجي. قانون تحت ڪم ڪندڙ ملازمن کي بيروزگار نه ڪيو ويندو، سينيٽر ذيشيان خانزاده ملازمن جي انگ ۽ نئين ڀرتين تي سوال اٿاريو، خاص طور تي اها نشاندهي ڪندي چيو ته ماضي جي حڪومتن غير ضروري ڀرتيون ڪيون جنهن سان قومي ادارا خاص ڪري پي آءِ اي، مسئلن جو شڪار رهيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو بنيادي ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي، هن ماضي جي حڪومتن جي غلط پاليسين کي پي آءِ اي جي مسئلن جو ذميوار بڻايو، هن اداري جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪوششن جي خاطري ڪرائي ۽ پي آءِ اي جي بهتري لاءِ هڪ جامع پاليسي تحت ڪم ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. هن اعتراف ڪيو ته هر حڪومت ۾ ڪجهه بهتري به ٿي ۽ ڪجهه غلطيون پڻ ڪيون ويون.