راولپنڊي-15 جنوري (اي پي پي ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف ) راندين جي سامان ذريعي پرڏيهه منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي، اي اين ايف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي مان جاري ڪيل بيان موجب اي اين ايف اسلام آباد ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائي دوران راندين جي سامان ۾ لڪائي پرڏيهي ملڪ منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. ترجمان ٻڌايو ته آبپاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ موجود ڪوريئر آفيس ۾ نيوزيلينڊ لاءِ بڪ ڪرايل پارسل کي قبضي ۾ ورتو ويو. پاڪستان ۾ موجود ڪيرم بورڊ ۾ مهارت سان لڪايل هڪ ڪلو 20 گرام آئيس ايڪسپورت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. پارسل آزاد ڪشمير جي رهواسي پاران بڪ ڪرايو ويو هيو. منشيات قبضي ۾ ڪري وڌيڪ جاچ جي شروعات ڪئي پئي وڃي. اي اين ايف جي ترجمان چيو ته منشيات جي اسمگلنگ لاءِ راندين جي سامان جو استعمال ڳڻتي جوڳو آهي. اي اين ايف منشيات اسمگلرز کان چڱي طرح واقف آهي ۽ منشيات جي اسمگلنگ خلاف اي اين ايف پر عزم انداز سان جنگ جاري رکندي.