اسلام آباد- 15 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 14 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 10 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 14 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 14 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي مٿانهُون وهڪرو 18 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 18 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 100 ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 هزار 500 ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1477.18 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 2.141 ملين ايڪڙ فوٽ. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1134.70 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.160 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 642.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.075 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.