اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف آءِ اي کي ٻاهرئين ملڪ انساني اسمگلنگ جو مڪروهه ڌنڌو هلائيندڙ انتهائي گهربل اسمگلرن جي حوالگي جي لاءِ انٽرپول سان تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ جي ذريعي ملڪي ساک کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف انتهائي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم حڪم ڏنو ته انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ سمورا ادارا فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته انساني اسمگلنگ جو مڪروهه ڌنڌو هلائي ملڪي ساک کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف انتهائي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ايف آءِ اي ۾ افرادي قوت جي گهٽتائي کي فوري طور تي پورو ڪرڻ ۽ هوائي اڏن تي ٻاهرئين ملڪ سفر ڪندڙن جي اسڪريننگ جو معياري نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ سفر ۽ انساني اسمگلنگ بابت موثر آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ايف آءِ اي کي ٻاهرئين ملڪ انساني اسمگلنگ جو مڪروهه ڌنڌو هلائيندڙ انتهائي گهربل اسمگلرن جي حوالگي جي لاءِ انٽرپول سان تعاون ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. اجلاس ۾ انساني اسمگلرن جي خلاف هيستائين کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جون 2023ع ۽ ڊسمبر 2024ع جي انساني اسمگلنگ جي واقعن ۾ ڪيترائي انساني اسمگلر گرفتار ٿي چڪا آهن، ڪيترائي سهولتڪار، سرڪاري اهلڪار برطرف ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ڪارروائي کي منهن ڏئي رهيا آهن. انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف قانوني قدم کنيا پيا وڃن. انساني اسمگلرن جا 500 ملين رپين کان وڌيڪ جا اثاثا ضبط ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ضبط ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي. انساني اسمگلرن جي پراسيڪيوشن جي عمل جي لاءِ خصوصي پراسيڪيوٽر مقرر ٿي چڪا آهن. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:36