اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ 4 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن تي فخر آهي. انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين.