اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي دفاع واري وزير ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي بي بنياد الزامن ۽ دعوائن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي، جنهن جي حتمي حيثيت جو تعين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان ڏس ۾ ڀارت وٽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي علائقن تي فرضي دعويٰ ڪرڻ جو جو ڪو قانوني ۽ اخلاقي جواز نه آهي. بيان موجب ڀارتي قيادت پاران اهڙي قسم جي بيان بازي سان عالمي ڌيان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري جابراڻي قدمن تان نه ٿو هٽائي سگهجي. اهي قدم ڪشميري عوام جي انهن جي نه ڇڏڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي جائز ۽ منصفاڻي جدوجهد کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي به زور ڏنو آهي ته ان نوعيت جا اشتعال انگيز بيان علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ نقصانڪار آهن. بيان موجب ٻين جي خلاف بي بنياد الزام هڻڻ بدران ڀارت کي پنهنجو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ غيرملڪي علائقن ۾ ٽارگيٽيڊ قتل، تخريبڪاري جي ڪاررواين ۽ رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي منصوبابندي ۾ ڪاغذن سان ملوث ثابت ٿيڻ جو ازالو ڪرڻ گهرجي.