اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ وچ ۾ اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه هانگ ڪانگ اسپيشل ايڊمنسٽريٽو ريجن جي چيف ايگزيڪيوٽو جون ڪي سي لي سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ـ چيني خطي هانگ ڪانگ وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ هو. ملاقات ۾ ناڻي واري وزير ۽ چيف ايگزيڪيوٽو لي اقتصادي تعاون، واپاري لاڳاپن، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت مختلف موضوعن تي تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهين جو مقصد ٻنهي خطن وچ ۾ ويجهن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل ترقي ۽ خوشحاليءَ جا موقعا تلاش ڪرڻ هو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ وچ ۾ اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن مختلف شعبن جهڙوڪ فنانس، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت ۾ تعاون وڌائڻ جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي خطن جي گڏيل مفادن ۽ قدرن تي روشني وڌي. جون ڪي سي لي ناڻي واري وزير جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. هن اقتصادي ترقي، جدت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ٺوس حصيداريءَ جي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ ان تعاون جي متوقع فائدن تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ۽ چيف ايگزيڪيوٽو وچ ۾ اها ملاقات ٻنهي ڌُرين جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ بامعنيٰ تعاون جا موقعا تلاش ڪرڻ جي عڪاسي ڪري ٿو. بيجنگ ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ۽ هانگ ڪانگ ۾ قونصل جنرل رياض احمد شيخ به ان موقعي تي موجود هئا.