اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته محدود سيٽن تي پهريان اچو پهريان حاصل ڪيو جي بنياد تي درخواستن جي وصولي جو عمل جاري آهي. وزارت جي ترجمان مطابق ان سلسلي ۾ هاڻ تائين هڪ هزار کان وڌيڪ درخواستون جمع ٿي چڪيون آهن. هلندڙ سال سرڪاري اسڪيم تحت حج جي خواهش رکندڙ ماڻهو ان موقعي مان فائدو کنيو ۽ جلد کان جلد پنهنجون درخواستون لاڳاپيل بئنڪن ۾ جمع ڪرائي ڪمپيوٽر رسيدون حاصل ڪيون. نون درخواستگذارن کي 6 لک روپيا جمع ڪرائڻا پوندا. واضع رهي ته هلندڙ سال سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪيمن تحت مجموعي طورتي هڪ لک 79 هزار 210 پاڪستاني حج جو فرض ادا ڪندا.