ڪراچي-14 جنوري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد صحت ۽ سماجي ڀلائي واري کاتي جي سنڌ جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بي آءِ ايس پي بينيفشريز کي بينظير واڌ ويجهه ۽ سنڌ حڪومت جي صحت جي قدمن ذريعي بنيادي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کان علاوه ڳورهاري عورتن، کير پيئاريندڙ مائرن ۽ انهن جي ٻارن جي واڌ ويجهه، غذائي کوٽ سبب جنم وٺندڙ بيمارين، حفاظتي ٽُڪن، آباديءَ ۾ واڌ سميت ٻين اهم معاملن جهڙوڪ يونين ڪائونسل جي سطح تي متحرڪ سرگرمين جي بندوبست تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻُڌايو ويو ته سنڌ صوبي ۾ بينظير واڌ ويجهه پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙن کي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ 140 سهولت مرڪز ۽ 39 موبائل ٽيمون موجود آهن. ٻئي طرف بي آءِ ايس پي ڊائنامڪ رجسٽري تي نادرا اسٽاف جي موجودگي تي زور ڀريو ويو ته جيئن حقدار ڪٽنب بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽريشن دوران پنهنجن ٻارن جي برٿ رجسٽريشن جو ڪم به ڪرائي سگهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ صحت ۽ سماجي ڀلائي واري کاتي وچ ۾ ٻه طرفي ڊيٽا جي حصيداريءَ تي به گڏيل رضامنديءَ جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ بي آءِ ايس پي، صحت ۽ سماجي ڀلائي واري کاتي ۽ نادرا عملدارن وچ ۾ گڏيل اجلاس ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو، جنهن ۾ بي آءِ ايس پي ۽ صحت ۽ سماجي ڀلائي واري کاتي جي حقدار ماڻهن جي رجسٽريشن جي عمل ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ مؤثر حڪمت جوڙي ويندي.