سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي صوبي ۾ ٻن ڌار واقعن ۾ 8 خوارجين کي ماري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-14 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي صوبي ۾ ٻن ڌار ڪاررواين ۾ 8 خوارجين کي ماري ڇڏيو. ڪالهه آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ضلعي ٽانڪ ۾ خوارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران فوجي جوانن خوارجين جي ٺڪاڻن جو مؤثر طريقي سان گهيرو ڪيو ۽ 6 خوارجين کي ماري ڇڏيو. وادي تيره ضلعه خيبر ۾ فوجي جوانن …

راولپنڊي-14 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي صوبي ۾ ٻن ڌار ڪاررواين ۾ 8 خوارجين کي ماري ڇڏيو. ڪالهه آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ضلعي ٽانڪ ۾ خوارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران فوجي جوانن خوارجين جي ٺڪاڻن جو مؤثر طريقي سان گهيرو ڪيو ۽ 6 خوارجين کي ماري ڇڏيو. وادي تيره ضلعه خيبر ۾ فوجي جوانن ڪاميابيءَ سان ٻن خوارجين کي ماري ڇڏيو. علائقي ۾ ڪنهن ٻئي خوارجي جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس جون ڪارروايون جاري آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.

مزید خبریں