راولپنڊي – 14 – جنوري (اي پي پي) اي پي پي اسلام آباد جي سينيئر رپورٽر خرم شهزاد جي وڏي ڀاءُ سينيئر صحافي ۽ روزاني اوصاف جي چيف رپورٽر جاويد شهزاد مرحوم جو ٽيجهو سندس رهائشگاهه راولپنڊي ۾ ٿيو. تقريب ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي، روزاني اوصاف جي چيف ايڊيٽر مهتاب خان، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راجا جاويد اخلاص، پاڪستان بيت المال جي سرپرست اعليٰ زمرد خان، پاڪستان پيپلزپارٽي، سماجي شخصيتن، جاڙن شهرن جي صحافين سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مرحوم جاويد شهزاد جي زندگي جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي. مقررين چيو ته جاويد شهزاد سمورن شعبن سان واڳيل ماڻهن سان بهترين لاڳاپا قائم رکيا هئا ۽ هر ماڻهو سان انتهائي اخلاق، پيار ۽ محبت سان پيش ايندو هو جنهن جي ڪري ماڻهو کيس دنيا مان وڃڻ کانپوءِ به سٺن لفظن ۾ ياد ڪري رهيا آهن، هو سدائين اسان جي دلين ۾ زندهه رهندو. تقريب جي پڄاڻي تي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ نعتيه ۽ دعائيه ڪلما پيش ڪيا ويا.