اسلام آباد- 14 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهڻ جڏهن ته پنجاب جي اڪثر علائقن ۽ مٿاهين سنڌ ۾ صبح/ رات جي وقت ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. ان دوران اتر اولهندي بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ هلڪي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهي. پنجاب جي اڪثر علائقن ۽ اپر سنڌ ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پڌ ليه ۾ ڪاٽو 12، گوپس ۾ ڪاٽو 11، استور، اسڪردو ۾ ڪاٽو 10، گلگت، ڪالام ۾ ڪاٽو 07، هنزه ۾ ڪاٽو 06، بگروٽ، ڪاڪول ۾ ڪاٽو 05، چترال ۽ دير ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.