لاڙڪاڻو-14 جنوري (اي پي پي) پُوري مُلڪ سميت لاڙڪاڻي ۾ مولاءِ ڪائنات مولا علي عه جي ولادت جو مبارڪ ڏھاڙو 13 رجب المرجب نھايت عقيدت احترام ۽ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. شھر جي امام بارگاھن ۽ مسجدن سميت گھرن، دڪانن کي پڻ روشن لائيٽن سان ڪنوار جيان سينگاريو ويو، شھر جي مرڪزي انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه ۽ امام بارگاهه ولايت علي امير المؤمنين امام بارگاهه جعفريه سميت شھر جي مختلف امام بارگاهن ۽ مسجدن ۾ تقريبون، سيمينارز ۽ محفلون منعقد ڪيون ويون. حضرت علي ڪرم الله وجھ ولادت جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ جشن ولادت جي خوشي ۾ جلوس برآمد ڪيا ويا. مرڪزي جلوس امام بارگاهه سمان باقراڻي روڊ تان ڪڍيو ويو، جنھن ۾ ھزارن جي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.