اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن کي ٻاهرئين ملڪ ملازمت فراهم ڪرڻ جي لاءِ دوست ملڪن جي مارڪيٽس جي گهرجن موجب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملازمت فراهم ڪندڙ جعلي ۽ بنا لائيسنس ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي خلاف قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اڏار پاڪستان منصوبي سان سڄي ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ نوجوانن کي پيشيواراڻي صلاحيتن سان ليس ڪرڻ لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ نوجوانن کي پيشيواراڻي صلاحيتن سان ليس ڪرڻ لازمي آهي، فني ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن جي فروغ جي لاءِ نيوٽيڪ ۽ پرائيم منسٽر يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت نجي شعبي کي فروغ ڏئي ملڪ ۾ بيروزگاري جو خاتمو ڪرڻ جي پاليسي تي سرگرم عمل آهي، پاڪستان جو مستقبل آءِ ٽي شعبي جي ترقي سان ليس آهي. وزيراعظم نوجوانن کي ٻاهرئين ملڪ ملازمت فراهم ڪرڻ جي لاءِ دوست ملڪن جي مارڪيٽس جي گهرجن موجب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملازمت فراهم ڪندڙ جعلي ۽ لائيسنس کانسواءِ ڪمپنين جي خلاف قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته تمام جلد نوجوانن جي لاءِ وزيراعظم ڊيجيٽل يوٿ حب جي نالي سان هڪ پليٽ فارم قائم ڪيو پيو وڃي جنهن سان نوجوانن کي ملازمتن ۽ ٻين خدمتن جي حوالي سان معلومات فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم ڊيجيٽل يوٿ حب کي عوام جي لاءِ آسان بڻائڻ جي لاءِ انگريزي سان گڏوگڏ سمورين مقامي زبانن ۾ پڻ متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پرائيم منسٽر يوٿ ايمپلائمنٽ پلان، افرادي قوت کي عالمي مارڪيٽ ۾ گهربل صلاحيتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۽ ٻين منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.