اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ضلعي ۽ تيره واديءَ ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ متحرڪ آهن.