اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نواف سلام کي لبنان جو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان لبنان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. لبنان جي نئين چونڊيل وزيراعظم نواف سلام سان گڏجي پاڪستان ۽ لبنان جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهيان.