ڪراچي– 13 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو کي جديد سهولتن، اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي سان عالمي معيار موجب وڌيڪ ترقي ڏيڻ جو 5 سالن جو منصوبو تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن کي 21هين صدي جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ تعليم ڏيڻ جا جديد طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اسپيشل بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيئرمين بورڊ آف گورنرز وائيس ايڊمرل محمد فيصل عباسي، ضياءَ الدين يونيورسٽي ڪراچي جي چانسلر ڊاڪٽر عاصم حسين، بورڊ جي ميمبرن، اعليٰ سرڪاري ۽ فوجي آفيسرن ۽ ڪاليج انتظاميا جي ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته مختلف شعبن ۾ ملڪي انساني وسيلن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ٻارن جي تعليم تي سيڙپڪاري لازمي آهي. صدر چيو ته ڪاليج عالمي معيار موجب جديد سهولتن، اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي لاءِ 5 سالن جو منصوبو تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ بورڊ ڪاليج جي تعليمي پروگرامن، ڪاميابين، ترقياتي منصوبن ۽ اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جو جائزو ورتو. صدر پاڪستان جي تعليمي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي ڪاميابين ۽ اهم ڪردار کي ساراهيندي چيو ته مون کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو تي فخر آهي، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو قومي زندگي جي هر شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. صدر اداري کي وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته شاگردن جي تعليمي ۽ فڪري واڌويجهه جي لاءِ راندين ۽ بورڊنگ سميت موجوده سهولتون اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سنڌ حڪومت کي ڪاليج کي سهولتن جي فراهمي، اپ گريڊيشن، ضروري مالي معاونت جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪاليج جي ذهين شاگردن کي اسڪالرشپ جي فراهمي جي لاءِ چيني حڪومت سان پُڻ ڳالهائيندس. صدر پاڪستان جي تعليمي منظرنامي جي جوڙجڪ ۾ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيندي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي مسلسل ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو.